سيد نور محمد شاهه

سيد نور محمد شاهه

سيد نور محمد شاهه

سيد نور محمد شاهه: سياسي ۽ سماجي ڪارڪن سيد نور محمد ولد سيد مراد علي شاهه پهرين جنوري 1911ع تي ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو. هي سيد، مٽياري ساداتن جي ’ميان پوٽي‘ قبيلي مان هو. هن ابتدائي تعليم ڀريا جي سنڌي اسڪول مان حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ 1927ع کان 1933ع تائين ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي. 1937ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ بعد نوشهري تعلقي مان پير قربان عليءَ جي مقابلي ۾ چونڊن ۾ بيٺو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. هي خانبهادر ايوب کهڙي سان تعلقات هئڻ سبب وزارت جو طرفدار ٿيو ۽ پارليامينٽري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 1938ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ نوابشاهه جي اسڪول بورڊ جو چيئرمئن چونڊيو ويو. 1945ع ۾ نوابشاهه ۾ زميندار بئنڪ قائم ٿي ته هي ان جو چيئرمئن چونڊيو ويو. ورهاڱي کانپوءِ 1949ع ۾ يوسف هارون جي وزارت ۾ خوراڪ، زراعت ۽ ڪوآپريشن جو وزير ٿي رهيو. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون نئين سر چونڊون ٿيون ته هي وري مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊجي آيو ۽ پيرزادي عبدالستار جي وزارت وقت وزير رهيو. سيد نور محمد شاهه 1956ع تي سيد خيرشاهه گروپ مان مغربي پاڪستان جي اسيمبليءَ تي ميمبر چونڊجي آيو ۽ ڪجهه وقت ريپبليڪن پارٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. ان وقت هن کي فقيريءَ جي لهس لڳي وئي ۽ پوءِ باقي زندگي انهيءَ فقيراڻي رنگ ۾ گذارڻ لڳو.
سيد نور محمد شاهه سياسي طرح نظرياتي بنيادن تي تحريڪن ۾ رهي، ڪم ڪرڻ جو عادي هو. هن ذاتي دوستن ۽ مقامي ماڻهن جي مصلحتن سان ملڪ جي سياست ۾ حصو ورتو.
جي. ايم. سيد لکي ٿو ته، ”سيد نور محمد شاهه سياست ۾ ’آئي ته روزي، ٽري ته بلا‘ طور پئي ڪم ڪيو. پاڻ طبيعت ۾ ڪم آزار، يارويس، رلڻو ملڻو شخص رهيو. پاڻ ڪجهه وقت هالن نون جي هڪ ڪوري بزرگ جي صحبت ۾ پڻ رهيو، جنهن کانپوءِ هن شاهه عبداللطيف تي ڪي جايون ٺهرايون ۽ خير خيرات جا ڪم پڻ ڪيا.“


لفظ سيد نور محمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.01.01  عيسوي

سياسي ۽ سماجي ڪارڪن سيد نور محمد ولد سيد مراد علي شاهه پهرين جنوري 1911ع تي ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلال ڪوري
عائشه خاتون چنا
آغا روشن علي پٺاڻ
جاويد ٽاڪاڻي
محمد سومار ٿيٻو
جَون ايليا
مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي
بهاول خان عباسي4
ديوان بهادر مرليڌر پنجابي
ڀائي ڪنيا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون